SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Kennedy Round

(click word to listen sound
  • 🔊
  • kennedy
  • raund
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Kennedy Round

ڪينيڊي رائونڊ

ڪينيڊي مُذاڪرات

”محصول ۽ واپاريءَ بابت معاهدي“ (GATT) جي سرپرستيءَ ۾ گهڻ- رخي محصول بابت 1947ع کان ٿيندڙ مذاڪرات جي ڇهين اجلاس کي، ”ڪينيڊي رائونڊ“ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. اهي مذاڪرات مئي 1964ع کان 1965ع تائين جاري رهيا، جنهن ۾ ”يورپي برادريءَ“ هڪ ايڪي جي حيثيت ۾ 53 ٻين ملڪن جي نمائيندن شرڪت ڪئي. جيتوڻيڪ مذاڪرات جي ان دؤر کي، تڏهوڪي آمريڪي صدر جان – ايف ڪينيڊي پنهنجي نالي پٺيان سڃاڻپ ڏني، پر ان دوران سندس قتل ٿيڻ باوجود اها سڃاڻپ برقرار رکي وئي. ڳالهين جي ان دور ذريعي پهريون دفعو محصولن ۾ چڱي چوکي گهٽتائي آندي وئي، ڇاڪاڻ جو اجلاس ۾ ايجنڊا جي هر اسم تي تفصيلي بحث ڪندي چٽا فيصلا ڪيا ويا. خاص ڪري صنعتي محصولن ۾ گهٽتائي آڻي انهن کي 35 سيڪڙي تائين محدود ڪيو ويو ۽ ان ڏس ۾ سڀني ڌرين کي 1968ع کان 1972ع جي مُدي تائين فيصلي ڪرڻ لاءِ پابند ڪيو ويو. آمريڪي صدر ڪينيڊي هن مذاڪرات جي ان آخري سلسلي ۾ شامل رهيو، جنهن ۾ اسريل دنيا جي ملڪن جي سهڪار سان واپار بابت بنيادي ايجنڊا طئه ڪئي وئي. هن مذاڪرات دوران ئي ٽين دنيا طرفان اختيار ڪيل محصولن بابت سندن موقف کي ٻڌو ويو. البت NTBs جي معاملي کي حل نه ڪرڻ ۽ زراعت جي مسئلي تي چٽا فيصلا نه ڪرڻ جي حوالي سان انهن مذاڪرات تي سخت تنقيد به ٿي،


Remember Me Also:

ڇڻڪار ڪرڻ

ڇِٽڪارُ ڪرڻ ، ڇِنِڪارُ ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal